چچ جو گھر

چچ جو گھر (ماڳ): ھيءَ هڪ غار آهي، جيڪا روھڙي شھر کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ ٽڪرين جي اولاھين لاهيءَ تي ٻڌيه غار جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن غار لاءِ مشهور آهي ته راجا چچ هتي ويهي ٻڌيه حڪومت خلاف ڪم ڪندو هو. ھن غار جي منھن وٽ وڏو پٿر ڏنل آھي، جنھنڪري اُن جو لنگهه بند آهي. غار اوڀر اولهه ۾ 12 فوٽ ويڪري ۽ اٺ فوٽ اوچي آھي. غار جي ڇت سڌي آهي، جنهن جي پاسي ۾ ڏيئي ٻارڻ لاءِ جارو ٺھيل آهي. اھڙا جارا ڏکڻ طرف به ٺھيل آھن. غار جو فرش چن جي پٿرن سان ڍڪيل آھي. اتي ٽڙيل پکڙيل ٺڪراٺو به موجود آھي، جيڪو ”ڳاڙھي تي ڪارو“، سنڌوءَ تھذيب جو معلوم ٿئي ٿو. مليل وٿن ۾ ٺڪراٺو، ڪُنن جا ڪَنا، پارن جا ڀڳل ڳچ ۽ چوڙين جا ٽڪر ٽوٽا به مليا آھن. ٺڪر سٺو پڪل، چڪ تي لٿل ۽ سنھو آهي، اُن جو تروڳاڙھو آهي، جنهن تي سنڌو تھذيب جا ڪارا پٽا نڪتل آھن. ڪن ٺڪرن تي اندران به ليڪا نڪتل آهن.
(Ancient Sindh, Volume-I, Shah Latif University, Khairpur Mirs)


هن صفحي کي شيئر ڪريو